شيوارام ڦيرواڻي

شيوارام ڦيرواڻي

شيوارام ڦيرواڻي

شيوارام ڦيرواڻي: هند ۽ سنڌ جو نامور اديب، تعليمي ماهر، سماج سڌارڪ ۽ پروفيسر شيوا رام نرسنگهداس ڦيرواڻيءَ جو جنم 1868ع ڌاري شڪارپور ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪري، ايم. اي جو امتحان بمبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيو. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن پنهنجي عملي زندگي جو آغاز به ان ئي يونيورسٽيءَ مان پروفيسر جي حيثيت سان ڪيو، ان عهدي تي هي 1912ع کان 1924ع تائين فائز رهيو. شيوارام 1924ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان نوڪري ڇڏي، اچي پنهنجي اباڻي شهر شڪارپور ۾ سماجي ۽ تعليمي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. هي پهريون سماج سڌارڪ هو، هن سنڌ واهه لڳ برف ۽ ڪپڙي اڻڻ جا ڪارخانا قائم ڪيا. سندس ئي ڪوششن سان شڪارپور ۾ ’پور هائوس‘ جو وجود عمل ۾ آيو، پاڻ ڪيترو ئي عرصو شڪارپور ۾ ميونسپالٽيءَ جي مختلف عهدن تي ڪم ڪندو رهيو. شڪارپور ميونسپل پاران تعليم کي ترقي وٺائڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي پرائمري اسڪول بورڊ ميونسپالٽي شڪارپور جي نالي سان قائم ڪئي وئي، جنهن جي چيئرمين جو قلمدان به ڦيرواڻيءَ کي ڪيو ويو. شيوارام، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ ڪيترائي اسڪول ۽ ڪنئيا پاٺشالائون قائم ڪيائين، هن شڪارپور جي جهلڻ جي پاڙي ۾ گرلس مڊل اسڪول قائم ڪيو، جيڪو بعد ۾ سيتلداس تيرٿداس جي سهڪار سان موجوده ’ايشوري ٻائي گرلس هاءِ اسڪول‘ جي شاندار عمارت ٺهرائي ان ۾ منتقل ڪيائين. هن وقت اهو اسڪول ’گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول شڪارپور‘ جي نالي سان قائم آهي، هن شڪارپور ۾ ٻارن ۽ عورتن جا صحت گهر، اسپتالون ۽ ڪنئيا هنري گهر کان علاوه وڌوا منڊل به قائم ڪرايا، جنهن ۾ هنري سکيا ۽ هٿ جي هنر جي ڪرت ٿيندي هئي. 1938ع ۾ شڪارپور ۾ ’پر ٻنڌڪ استري صحت ۽ سکيا سڌار منڊلي‘ جو بنياد وڌو ويو، جنهن جو سيڪريٽري هن کي چونڊيو ويو. تعليمي ۽ سماجي ڪمن کان سواءِ علم، ادب جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ به پاڻ پتوڙيندو رهيو. سندس تحريرون سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن کان علاوه ڪاليج مخزن ۾ به شايع ٿيل آهن. پاڻ آخر تائين ‘سنڌو ٽرسٽ بورڊ’ جو ميمبر ٿي رهيو.
شيوارام ڦيرواڻي 1912ع ۾ شڪارپور جي صحافي رامچند ويرومل ڀوراڻيءَ سان گڏجي هڪ هفتيوار اخبار ‘شيوڪ’ جي نالي سان ڪڍندو هو، اها اخبار ڀرڀات پرنٽنگ پريس شڪارپور مان ڇپبي هئي،
هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان ڪجهه هي آهن: ‘ايڪٽيهه چڱا لڇڻ’ (1926ع)، ‘ساٿ سکيا يا پنگتي جيون’ (1927ع)، ‘سڀاويڪ ٻاراڻي سکيا’، ‘ڊالٽن رٿ موجب تعليم’ (Education on the Dolton Plan: 1929ع)، ‘اسين سکون ڪيئن ٿا؟’ (اڻ ڇپيل)، ‘نئون تعليمي ڪورس’ (1936ع)، ‘ڪيف جو ڪتاب’ (1937ع)، ‘تعليمي من وديا’ (1936ع)، ‘راج رشي ديوان ڏيارام گدومل جو جيون چرتر ’ (1938ع)، ‘هندو مسلم ۽ انساني ايڪتا’ (1939ع)، ‘پنهنجي يونيورسٽي’ (1941ع)، ‘صحت بچائڻ ۽ عمر وڌائڻ جا چوڏهن قاعدا’ (1947ع) ۽ ‘ميونسپل افيشنسي’ (Municipal Efficiency) (1926ع) قابل ذڪر آهن.
انهن ڪتابن کان علاوه ‘مانٽيسوري سکيا’، ‘ڊيڪرالي اسڪول’ ۽ ‘اٿو ڪاديا’ (سرسوتي منڊل شڪارپور پاران ڇپايو ويو) مشهور ڪتاب آهن، جيڪي ناياب ٿي چڪا آهن. سنڌيءَ ۾ ڪتابن کان سواءِ هن انگريزي ڪتاب پڻ لکيا، جن جي اشاعت تي کيس ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ گهڻو ناماچار مليل آهي.


لفظ شيوارام ڦيرواڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو